اعشاريه نظام

اعشاريه نظام: مفاصلي ماپڻ جو بنيادي ايڪو ” ميٽر “ آهي ، جيڪو خط استوا کان وٺي اُتر قطب تائين واري مفاصلي جو هڪ ڪروڙئون حصو آهي ، يعني خط استوا کان وٺي اُتر قطب تائين مفاصلي ۾ هڪ ڪروڙ ميٽر ٿين ٿا . ميٽر جي ڊيگهه عام طرح 37 ء 39 انچ آهي .
مفاصلي ماپڻ جي جدول ۾ 10 ميٽر= ڊيڪا ميٽر ، 100 ميٽر = هيڪٽو ميٽر ، 1000 ميٽر = ڪلو ميٽر ، 1/10 ميٽر = ڊيسي ميٽر ، 1/100 ميٽر = سينٽي ميٽر . نهرين شين جو وزن يا تور جي ماپ جو بنيادي ايڪو ” گرام “ آهي: 10 گرام = ڊيڪا گرام ، 100 گرام = هيڪٽو گرام ، 1000 گرام = ڪلو گرام ، 1/10 گرام = ڊيسي گرام ، 1/100 گرام = سينٽي گرام ، 1/1000 گرام = ملي گرام .
پاڻياٺ وارين شين جي تور جو بنيادي پيمانو ” لٽر “ آهي:
10 لٽر = ڊيڪا لٽر ، 100 لٽر = هيڪٽو لٽر ، 1/1000 لٽر = ملي لٽر ، 1/10لٽر = ڊيسي لٽر ، 1/100 لٽر = سينٽي لٽر .
ڏهاڪي جي ڳڻپ واري ان نظام کي اعشاريه نظام چئبو آهي .


لفظ اعشاريه نظامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو